شهدادڪوٽ ۾ مڙس زال کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو

شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ کان چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع ڳوٺ ڀانڍڙي جي وانڍ ۾ مير حسن مگسي پنهنجي 28 ورھين  جي نوجوان زال روبينا مگسي کي گھٽا ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو،جڏهن ته اطلاع تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري ڳوٺ پھچي مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال کڻائي آندو،جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو،ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود مقتول عورت جي پيرسن امڙ ڌي جي لاش مٿان اڀ ڏار رڙيون ڪندي دانھيو ته  سندس ڌيءُ رکي مڙس مير حسن مگسي ناحق گھٽا ڏيئي قتل ڪيو آهي جنهن کي گرفتار ڪري سزا ڏيئي انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين عورت جي قتل جو ڪارڻ معلوم ٿي نه سگھيو ھو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.