سانگهڙ ۾ پينشن جي رقم تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

سانگھڙ (رپورٽ :ھدايت الله لغاري) اباڻي ملڪيت جي ڪري وڏي ڀاءُ دوست سان ملي ننڍي ڀاءُ  کي قتل ڪري ڇڏيو ان حوالي سان اي ايس پي  سانگھڙ  حسن جاويد ڀٽي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن پارڪ ڀرسان پنج ڏينهن قتل ٿيل  پراڻي  لاش جي سڃاڻپ عارف چنا نالي سان ٿي ھئي جنهن کي سندس وڏي ڀاءُ  آصف چنا ۽ سندس دوست محمود چڏھر سان ملي ڇھ ڏينهن اڳ جھول مان موٽندي سانگھڙ  جي پارڪ ڀرسان پلاسثڪ  ٽيپ سان گھٽا ڏئي قتل ڪيو ھو جنهن جي ايف آئي آر سانگھڙ  ٿاڻي تي سندس والد جي فرياد تي ٻن ڄڻن مٿان ڪاٽي وئي ھئي پوليس مختلف ذريعن ۽ ٽيڪنالاجي مدد سان ٻنهي جوابدارن کي پوليس نوشھروفيرز جي علائقي  مان گرفتار ڪري ورتو آھي اي ايس پي ٻڌايو ته والد طرفان مليل پينشن جيڪا چار ڀائرن ۾ ورھائي ڏني هئي جنهن تي ھڪ ڀائر ڪاوڙيل  ھو ۽ اھو قدم کنيو جوابدار جيڪو ڀريا ۾ رھندو ھو جنهن طيش ۾ اچي ننڍي ڀاءُ قتل ڪيو  .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.