لاڙڪاڻي ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا معمول بڻيل، 13 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار ختم ٿي نه سگهيو، هڪ ئي ڏينهن هڪ عورت ۽ 5 ٻاڙن سميت  13 ڄڻن کي رولو ڪتن چڪ هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ ماريه ڌيءَ غلام قادر، زهره ڌيءَ ذوالفقار مغيري، علينا ڌيءَ الاهي بخش، زاهده زال رب رکيو، ماھوٽا واسي انعام علي پٽ ممتاز علي، شهر جي الھ آباد جو رهواسي اختيار محمد عرس کوسو، غلام اسد علي پٽ ارشاد علي سانگي، دلاور پٽ امجد، جنيد پٽ محمد وارث، اختيار پٽ گل، محمد مرضي پٽ اعجاز، علي حيدر پٽ ديدار، نظر محلا جو رهواسي پيرسن همٿ بلوچ ۽ ٻيا شامل آهن جن کي سندن وارثن ويڪسين ۽ علاج لاءِ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر آندو جتي عورت، ٻارڙن ۽ ٻين متاثرن کي فوري طور ويڪسين لڳائي ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.