آرڊيننس سنڌ تي حملو آهي، پ پ مصلحتن جو شڪار نه ٿئي: راشد محمود

ٺٽو/ ڌاٻيجي(نمائندن وٽا) سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس  بنيادي طور تي سنڌ کي ورهائڻ لاءِ پي ٽي آء حڪومت جو عملي قدم آهي ۽ اُهو آرڊيننس آڻي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ بعد چچريل لاش ڏنا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار جميعت عُلماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو ٺٽي جي باب السلام مدرسي ۾ ميڍيا سان ڳالهائيندي ۽ مجلسِ عمومي کي خطاب ڪندي ڪيون. هن چيو تہ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سازش ۾ ناڪامي بعد بوکلائجي پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ غير آئيني صدارتي آرڊيننس آندو آهي. مولانا راشد محمود سومرو چيو تہ 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پي ڊِي ايم جي جلسي ۾ لکين سنڌ واسي پي ٽي آءِ سرڪار کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيندا. هن چيو تہ هڪ سازش تحت ملڪ اندر لساني، قبائلي، مذهبي ۽ مسلڪي بنيادن تي ماڻهن کي وڙهايو پيو وڃي.  ھن چيو تہ سنڌ جي ماڻهن کي سندن نوجوانن جا چِچريل لاش ملي رهيا آهن ۽ حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي کنڀي گُم ڪيو پيو وڃي، گُمشدگين جو سلسلو بند ڪري سمورن گم ٿيلن کي ظاهر ڪيو وڃي، سنڌ جي ماڻهن کي سندن بنيادي حق ڏنا وڃن ها ۽ احساسِ محرومي ختم ڪئي وڃي ها تہ سنڌ ۾ ٻيا نعرا نہ لڳن ها. ڪنهن ڪارڪن يا سنڌ جي قومي ڪارڪن تي ڪو ڏوھ آهي تہ ان کي عدالتن ۾ پيش ڪري ڪيس هلايا وڃن. هن چيو تہ ڪراچي ۾ مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي پيپلزپارٽي کي بہ هاڻي پي ڊِي ايم جي اتحاد بعد مصلحتن جو شڪار نہ ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت جي ڀلي قرباني ڏيڻي پوي پر ڏيئي پيپلز پارٽي جي قيادت عوام ۾ سرخرو ٿئي. اجلاس ۾ جي يُو آء جو مرڪزي ترجمان مولانا تاج محمد ناهيو، جي يُو آء ضلعي ٺٽي جا اڳواڻ مولانا ابراهيم بلوچ، مولانا احمد سومرو، محمد حسن ٺينگو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.