گم ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي آءِ جي کي نوٽيس

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ گُم ٿيل ماڻهن جي عدم بازيابي تي آءِ جي  سنڌ، گهرو کاتي ۽ ٻين ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، عدالت گُم ٿيل ماڻهن کي فوري بازياب ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 10 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتوآهي،  درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته گم ڪيل شهرين جي زندگين کي خطرو آهي، ڪيترا ڏينهن گذرڻ باوجود کين ظاهر ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، درخواستگذار طرفان لاپتا شهرين کي جلد بازياب ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.