سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪابينا جو اجلاس اڄ ٽپهري جو 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جو اگهه مقرر ڪرڻ سميت ٻيا  فيصلا ڪيا ويندا، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ رٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ گذريل اجلاس جي ايجنڊا جي منظوري سان گڏ سنڌ ۾ڪڻڪ جي فصل لاءِ اگهه جي به منظوري ڏني ويندي ان کانسواءِ پبلڪ سيفٽي اينڊ پوليس ڪپلين سيل لاءِ گاڏين جي خريداري سميت ٻيون ايجنڊآئون به شام آهن.

ٽڪ ٽاڪ تي مڪمل بند ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

لاهور ( م ڊ ) شارٽ ويڊيو شيئرنگ ايپليڪشن ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي   آهي. ورچوئل پرائيوٽ نيٽورڪس پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. لاهور جي هڪ شهري وڪيل نديم سرور معرفت درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٽاڪ ٽاڪ فحاشي پکيڙڻ واري ايپ قرار ڏنو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ تي مشهوري لاءِ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون فحش وڊيو ٺاهي ٻي ايپس تي به شيئر ڪري رهيون آهن. عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪيو وڃي.  شهري جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي بينچ 13 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ڪندي.

چارسده ۾ ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ وحشي جوابدار ميڊيا آڏو پيش

چارسده ( م ڊ )  چارسده ۾ اڍائي سالن جي ٻارڙي سان زيادتي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن لعل محمد عرف بڊا کي گرفتار ڪري ميڊيا آڏو  پيش ڪيو ويو آهي. هن اهم ڪيس ۾ 388 گهرن جي پروفائلنگ ڪري 70 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. چارسده ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊسٽرڪٽ ڊي پي او چارسده محمد شعيب چيو ته جاچ دوران 50 ورهين جي جوابدار لعل محمد عرف بڊا ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته 6 آڪٽوبر تي اڍائي ورهين جي ٻارڙي چارسده جي علائقي جبه ڪورونه مان گم ٿي هئي، جنهن بعد فصل مان سندس لاش مليو هو.

ڪراچي ۾  پيرسن تشدد ڪري قتل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ۾ جوابدارن پير سن کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مختلف  علائقن مان 2 ڄڻن جا لاش مليا آهن، ابراهيم حيدري جي علائقي الياس ڳوٺ ۾ واقع چشمي واري مزار ويجهو جوابدارن جي تشدد ۾ 70 ورهين جو سلطان پٽ عبدالرحيم فوت ٿي ويو، پوليس موجب واقعو ٻن ڌرين جو پاڻ ۾ جهيڙي تان پيش آيو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.