ٺل ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، واٽهڙو نينگر قتل، 2 زخمي، ڌرڻو

ٺل (رپورٽ:نماڻو نوناري) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بئراج پل وٽ  بجلي جي تار لڳائڻ تان نوناري ۽ گهنڃا برادري جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو،جنهن دوران ڊاڪٽر احمد نوناري مريض جو معائنو ڪري موٽر سائيڪل  ذريعي واپس اچي رهيو هو ته گهنڃا برادري جي هٿياربند پاران فائرنگ ڪئي وئي،انڌونڌ فائرنگ جي نتيجي ۾ لڳ طاهر خان کوسو جي پلاٽ جو رهواسي واٽهڙو 13 ورهين جو نينگر سعيد احمد ولد عبدالمجيد ڀٽي،ڊاڪٽر احمد نوناري گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا،نينگر جا وارث کيس خانگي اسپتال وٽ موٽر سائيڪل تي کڻي آيا ته نينگر فوت ٿي ويو،جنهن بعد نينگر جي مڙهه کي ريڙهي گاڏي تي ٺل جي سول اسپتال کڻي آيا،جتان لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته نينگر سعيد احمد ڀٽي جا وارث اسپتال ۾ هنجون هاريندا رهيا،جڏهن ته فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب ڊاڪٽر احمد نوناري مرڻينگ ٿي پيو،جنهن کي ٺل جي سول اسپتال ۾ زخمي حالت ۾ آندو ويو جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کيس لاڙڪاڻي جي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي،جتي سندس پڻ حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته شهر ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ٿيڻ جي ڪري علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي،فائرنگ جي دوران موٽر سائيڪل سوار اشفاق احمد کوسو پڻ زخمي ٿي پيو،جنهن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي،جڏهن ته اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس پهچي وئي پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا،واقعي جو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي،ڀٽي برادري پاران مقتول نينگر سعيد احمد ڀٽي جو لاش ٺل ٿاڻي آڏو ٽن ڪلاڪن تائين رکي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڌرڻو هنيو،ڀٽي برادري پاران گهنڃا برادري جي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو،پوليس موجب جوابدارن مقتول نينگر سعيد احمد ڀٽي جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو،جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون،تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.