تعليم واري وزير ڏانهن موڪليل نوٽ تي ڌيان نه ڏيڻ سبب ٽيسٽ پاس استاد پڪا نه ٿيا

ڪراچي(رپورٽ:خداڏنوشاھ) سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استاد هڪ ڏهاڪو گذرڻ باوجود پڪا نه ٿيا، تعليم کاتي نوٽ فار منسٽر تي ڌيان نه ڏنو. تعليم کاتي سنڌ ميرٽ تي آيل سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن  کي مستقل ڪرڻ لاءِ تعليم واري وزارت کي ڏيڍ مهينو اڳ "نوٽ فار منسٽر”  اماڻيو آهي جڏهن ته تعليم واري وزارت اهڙي "نوٽ فار منسٽر” تي ڪو ڌيان ئي نه ڏنو آهي. جنهن سبب هزارين استادن جي ڪنڌ تي ڪانٽريڪٽ جي تلوار لٽڪيل آهي. عوامي آواز کي مليل تعليم کاتي جي هڪ ڳجهي دستاويز موجب جيڪو تعليم واري وزير جي پي ايس کي لکيو ويو آهي ان ۾ لکيو ويو آهي ته   تعليم کاتي سنڌ جي سيڪريٽري جي صحيح سان "نوٽ فار منسٽر” تعليم واري وزير کي اماڻيو آهي  ان ۾ لکيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن کي مستقل ڪرڻ بابت سموري معلومات لاڳاپيل ڊائريڪٽر ن ۽ ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن سميت سمورن لاڳاپيل آفيسرن کان ورتي ويئي آهي. هاڻ تعليم کاتي جو سيڪريٽري,سمورا ڊائريڪٽرز ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرز ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر وزارتي ڪاميٽي آڏو سموري اصلي رڪارڊ سميت پيش ٿيندا جتي هو انهي ڳالھه جي تصديق ڪندا ته مستقل ٿيندڙ استادن ۾ هڪ به ڪوڙي (فيڪ) ڀرتي وارو استاد مستقل ٿي نه رهيو آهي سمورا  اصل استاد جيڪي حقيقي ميرٽ تي آيا آهن اهي مستقل ٿي رهيا آهن توهان کي التجا ڪجي ٿي ته تاريخ,وقت ۽ جڳهھ مقرر ڪريو ته اهڙي ميٽنگ سڏائي استادن کي مستقل ڪري سگهجي,سرڪاري ذريعن تعليم واري وزارت اهڙي "نوٽ فار منسٽر” کي ڪا به اهميت نه ڏني آهي جنهن سبب سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ پاس ڪري نج ميرٽ تي ڀرتي ٿي آيل استاد گذريل هڪ ڏهاڪي کان مستقلي کان محروم آهن تعليم کاتي سنڌ جي سيڪريٽري اهڙو ليٽر ۽ نوٽ فار منسٽر 24 آگسٽ 2020ع تي سنڌ جي تعليم واري وزارت کي موڪليو  هو. 03

وڏي وزير جي ڪميٽي ٻوٽو نه ٻاريو،  هڪ گڏجاڻي به نه ٿي

ڪراچي:سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪانٽريڪٽي استادن کي مستقل ڪرڻ لاءِ ٽه رڪني وزارتي ڪاميٽي جوڙي آهي جڏهن ته  وزارتي ڪاميٽي استادن کي مستقل ڪرڻ بابت هڪ گڏجاڻي به ڪري نه سگهي آهي. وڏي وزير پاران استادن کي مستقل ڪرڻ لاءِ جوڙيل وزارتي ڪاميٽي ۾ تعليم وارو وزير سعيد غني,مرتضيٰ وهاب ۽ سيد ناصر شاھ شامل آهن. پر  وزارتي ڪاميٽي استادن جي مستقلي بابت ڪو قدم نه کنيو آهي هوڏانهن ڪاميٽي جي ميمبر ۽ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاھ جو چوڻ آهي ته آئون هن ڪاميٽي جو فقط ميمبر آهيان مون کي جڏهن به سڏايو ويو ته اتي پهچي ويندس. 03

استادن سان ٻيائي، ڪراچي جا استاد پڪا ٿي ويا، ٻين ضلعن جا ٽياس تي ٽنگيل

ڪراچي:سنڌ سرڪار 2009ع ۾ ٿرڊ پارٽي سنڌ يونيورسٽي معرفت پوري سنڌ ۾ نج ميرٽ جي بنياد تي تعليم کاتي ۾ خالي جاين  تي ٽيسٽ ورتي جنهن جي بنياد تي سموري سنڌ ۾ ميرٽ تي 2010/11ع  ۾ مرحلي وار ميرٽ تي ايندڙ استادن کي جوائننگ ڏني وئي ۽ ڀرتي پاليسي مطابق ٽي سال ڪانٽريڪٽ کان پوءِ مستقل ڪيو ويندو پر ڪانٽريڪٽ ختم ٿيئڻ کان پوءِ فقط ڪراچي ريجن جي استادن کي  2015ع  ۾ مستقل ڪيو ويو باقي رهيل سنڌ جي سمورن ضلعن جا استاد اڄ تائين مستقلي جي حق کان محروم آهن جنهن جي ڪري پوري سنڌ جا ميرٽ تي آيل استاد احتجاج ڪندي مظاهرا ۽  ڌرڻا ھڻندا رهيا آهن پر تعليم کاتي جي سستي ۽ نا اهلي جي ڪري ميرٽ وارا استاد ذهني پريشان آهن  لڳ ڀڳ 30 استاد فوت ٿي چڪا آهن پر انهن کي ڪا به مالي ادائيگي  نه ٿي سگهي آهي.

لسٽ فائنل ، تعليم وزارت جي سستي سبب استاد پڪا ٿيڻ کان محروم

ڪراچي:تعليم کاتي سنڌ مستقلي جا خواب  هڪ ڏهاڪي کان اکين ۾ سجائي هلندڙ سنڌ يونيورسٽي پاس استادن جي لسٽ فائنل ڪري ورتي آهي جهن ته تعليم واري  وزارت جي نا اهلي سبب استاد مستقلي کان محروم آهن,سرڪاري ذريعن موجب تعليم کاتي سنڌ پرڳڻي جي سمورن سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس ڪري ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ استادن جي مستقلي واري لسٽ ڇنڊڇاڻ کان پوء فائينل ڪري ورتي آهي جنهن بابت تعليم واري وزارت کي لکت ۾ اطلاع ڏنو ويو آهي ته سمورن ضلعن جي اسڪروٽني مڪمل ڪئي ويئي آهي هاڻ جيئن ئي وزارتي ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿئي ته ان ۾ سمورن اهل استادن جو اصل رڪارڊ پيش ڪيو ويندو ٻي طرف تعليم واري وزارت استادن وجي مستقلي واري مسئلي کان لاڳيتو ڪن لاٽار ڪري رهي آهي .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.