اپوزيشن کي جلسن جي اجازت، احتجاج جي اوٽ ۾ ڏڦيڙ جي اجازت نه هوندي: وزيراعظم

اسلام آباد ( م ڊ ) حڪومت اپوزيشن کي سڄي ملڪ ۾ جلسن جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ سياسي معاملن تي حڪومتي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ خاص معاونن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي غور ٿيو ۽ اپوزيشن جي حڪومت مخالف تحريڪ تي به مشاورت ڪئي وئي. اجلاس ۾ حڪومتي پوليٽيڪل ڪميٽي صورتحال بابت تجويزون پيش ڪيون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومت اپوزيشن جماعتن جي جلسن ۽ ريلين ۾ ڪا به رنڊڪ نه وجهندي، اپوزيشن سموري ملڪ ۾ جتي جلسا ڪري، اجازت هوندي. پي ڊي ايم اي کي جلسن لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويندا، پر اپوزيشن کي جلسن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي پابند بڻايو ويندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پر امن احتجاج ۽ جلسو ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي، پر احتجاج جي اوٽ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اپوزيشن جي تحريڪ عوام جي نه پر سياسي ايليٽ جي مفادن جي تحفظ لاءِ آهي، اپوزيشن حڪومت تي دٻاءُ وجهي ڪرپشن ڪيسن مان ڇوٽ حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، عوام کي سياستدانن جي ڪرپشن بچايو تحريڪ ۾ دلچسپي ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.