ام رباب ڪيس، جوابدار رياست کان ڏاڍا آهن، پوليس عملدار بي وس آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ اُمِ رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مدد نه ڪرڻ تي آٰءِ جي ايف سي بلوچستان ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سپريم ڪورٽ  چيو آهي ته لڳي ٿو ته جوابدار رياست کان ڏاڍا آهن، پوليس عملدار سندن آڏو بي وس نظر اچي رهيا آهن. روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مدد ڪري ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي به ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي عدالت حڪم ڏنو آهي ته ڊي جي ايف سي بلوچستان ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مدد ڪن، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته لڳي ٿو ڪيس ۾ روپوش ٿيل جوابدار رياست کان به وڌيڪ طاقتور آهن، سندن اڳيان پوليس به بيوس ۽ بيڪار نظر اچي رهي آهي، ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي حيدرآباد نعيم شيخ چيو ته جوابدارن جي جاءِ جي خبر آهي، گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻون ٿا ته ٻار ۽ عورتون مزاحمت ڪنديون آهن. چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي خبر آهي ته سڀ ڪجهه عدالت جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. پوليس عملدار آفيسن مان ٻاهر نڪرن ئي نه ٿا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.