بغاوت کان اڳ مشرف ۽ ٻين فوجين ”نوازشريف زنده باد“ جا نعرا هنيا: مشاهد

اسلام آباد(م ڊ) هونئن ته پاڪستان جي فوج جنرل پرويز مشرف جي قيادت ۾ 12 آڪٽوبر تي وزيراعظم نوازشريف جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو پر ان حڪومت ۾ شامل ڪجه اڳواڻن جو چوڻ آهي ته کين  ڪيترن ئي هفتن کان اهڙا اطلاع ملي چڪا هئا ته فوجي سربراهه حڪومت تي قبضو ڪرڻ جي رٿابندي ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراطلاعات مشاهد حسين سيد بي بي سي کي ٻڌايو ته 14 سيپٽمبر 1999ع تي وزيراعظم نواز شريف مون سميت ڪيترن ئي وزيرن سان گڏ اسڪردو ويو جتي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف ۽ فوج جي اعليٰ ڪمانڊ جا آفيسر موجود هئا، هن چيو ته اتي شام جو هڪ محفل ٿي جنهن ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو ته جنرل پرويز مشرف ۽ هن سان گڏ فوج جي ٻين آفيسرن ” نوازشريف زندهه باد“ جا نعرا هنيا، مشاهد چيو ته ان دوران هن نوٽ ڪيو ته راولپنڊي جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل محمود اتي موجود نه هو، ان وقت اهو واضح ٿي ويو ته حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي سموري پلاننگ ٿي چڪي هئي، سيپٽمبر دوران ٽرپل ون بريگيڊ جو ڪمانڊر ۽ وزيراعظم هائوس جو گارڊ به تبديل ڪيو ويو، هن چيو ته نوازشريف کي به سمجهه ۾ اچي ويو هو ته ڇا ٿيڻ وارو آهي، پر ان ڳالهه جو انتظار هو ته اڳرائي ڪير ڪندو؟ مشاهد چيو ته بغاوت مهل هڪ ميجر منهنجي گهر آيو مون کيس چيو ته ريليڪس ميجر ، هتي ڪنهن وٽ هٿيار ناهي، گولي نه هلائجان، مون کين چيو ته توهان ڊرائنگ روم ۾ ويهو، ان وقت منهنجي گهر واري کي ڳڻتي هئي ته اهي ماڻهو ڊرائنگ روم ۾ سگريٽ پي رهيا آهن، هن چيو ته سياستدانن کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسلام آباد تائين رستو راولپندي جي جي ايڇ ڪيو کان ٿيندو نٿو وڃي، اسلام آباد تائين پهچڻ جو رستو چونڊن ذريعي وڃي ٿو، هاڻي اهو تاثر ملي رهيو آهي ته جلد يا دير اهو سبق سکڻو ئي پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.