لاهور موٽروي زيادتي ڪيس جو جوابدار نيٺ پڪڙ ۾ اچي ويو

فيصل آباد ( م ڊ ) لاهور موٽروي تي عورت سان ٻارڙن آڏو زيادتي ڪندڙ مک جوابدار کي فيصل آباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب  عابد ملهي کي گرفتار ڪري لاهور منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس ٻيهر ڊي اين اي ڪئي ويندي. پوليس موجب ساڳي ڪيس ۾ ٻيو جوابدار شفقت اڳ ئي جڊيشل رمانڊ تي آهي، ٻنهي جوابدارن سيالڪوٽ-موٽروي تي ڦر بعد عورت سان ٻارڙن آڏو زيادتي ڪئي هئي. واقعي جي 33 ڏينهن کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.