وفاقي حڪومت هاڻ ٻيٽن جي ڦرلٽ ڪرڻ چاهي ٿي: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي ( رپورٽر)پاڪستان جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ مسلم ليگ نون جي اگواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته  وفاقي حڪومت هاڻ ٻيٽن جي  ڦرلٽ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، ٻيٽن تي قبضن لاءِ به آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي، ڇا هتي قانون ۽ اسيمبليون نه آهن، احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان  ڳالهائيندي هن چيو  ته جيڪڏهن اسان جي خلاف غداري جا ڪيس داخل ٿي سگهن ٿا ته وزير اعظم عمران خان خلاف به حلف جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو.هن چيو ته نيب هڪ طرفو احتساب ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ نيب گڏ نه هلي سگهندا،وزيراعظم جي دماغ جو علاج ڪرايو وڃي، جيڪو ماڻهو جمهوري عمل مان نه گذرڻ باوجود پاڻ کي جمهوريت سڏي، اُن لاءِ ڇا ٿو چئي سگهجي، بدقسمتي سان ملڪ ۾ اهڙو وزيراعظم ويٺو آهي، جنهن کي ڪيسز، مهانگائي، يروزگاري ۽ عوامي اهنجن جي خبر ئي نه آهي.  شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ جي اڌ سياستدانن مٿان غداري جا ڪيس ٺاهيا ويا. عمران خان جي خلاف مان به ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيان ٿو، هن خلاف حلف جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو. .ان کان اڳ احتساب عدالت ۾  ايم ڊي پي ايس او جي غيرقانوني مقرري ريفرنس جي ٻڌڻي دوران شاهد خاقان عباسي سميت ٻيا پيش ٿيا .عدالت  بنا ڪنهن ڪارروائي جي 2 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.