ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو

اسلام آباد ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان مائيڪرو اسمارٽ  لاڪ ڊائون بابت صوبن کي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس بابت قومي رابطه ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏن وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، اين ڊي ايم اي ۽ واڳيل اختيارن شرڪت ڪئي. صوبائي اختيارين اجلاس ۾ مريضن جي ڊيٽا ۽ ٻين مسئلن تي ڳالهيون ڪيون. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مختلف شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون بدران مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون تي عملدرآمد ڪيو ويندو. اين سي سي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته عوام کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عام مارڪيٽن، اسپتالن ۽ آفيسن ۾ ماسڪ لازمي، هٿن جي صفائي ۽ سينيٽائيزر جو  استعمال وڌائڻ جي هدايت جاري ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته احتياط نه ڪيو ويو ته ٿڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.