رياستي وسيلن جو غلط استعمال، وزيراعظم کي سپريم ڪورٽ جو نوٽيس

اسلام آباد( م ڊ) سپريم ڪورٽ وزيراعظم عمران خان کي انصاف لائرز فورم جي تقريب ۾ شرڪت ڳچي ۾ پئجي وئي، سپريم ڪورٽ نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم سڄي ملڪ جو آهي ڪنهن خاص پارٽي يا گروپ جو ناهي، عمران خان رياست جي وسيلن جو غلط استعمال ڇو پيو ڪري. سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ زمينن بابت ٻڌڻي هيٺ ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب  جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل ڪنونشن سينٽر ۾ ٿيندڙ سياسي اجتماع ۾ ويٺو رهيو ۽ عدالت ۾ پيش نه ٿيو، ايڊووڪيٽ جنرل سڄي صوبي جو هوندو آهي يا ڪنهن سياسي پارٽي جو نمائندو هوندو آهي؟ عدالت چيو ته وزير اعظم پاڪستان سڄي ملڪ جو وزير اعظم هوندو آهي، وزير اعظم ڪنهن پارٽي يا گروپ سان پاڻ کي نٿو جوڙي سگهي. عدالت خاص سياسي پارٽي جي ونگ ۾ تقريب ۾ شرڪت تي وزير اعظم کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته اٽارني جنرل پاڪستان کي به معاملي تي سهڪار لاءِ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. عدالت وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪونسل، صدر سپريم ڪورٽ بار ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته معاملو پاڻمرادي نوٽيس لاءِ چيف جسٽس پاڪستان ڏانهن موڪلي رهيا آهيون. عدالت چيو ته منظر پٺيان وزير اعظم ذاتي حيثيت ۾ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته وزير اعظم سڄي ملڪ مان ووٽ ورتو، هو ڪنهن پارٽي جو نه پاڪستان جو وزير اعظم آهي، سياسي پارٽي جي تقريب لاءِ سرڪاري عمارت ڪنونشن سينٽر جو استعمال ڪيئن ٿيو؟ اسلام آباد جي انتظاميا ٻڌائي ڇا ڪنونشن سينٽر ۾ فيس ادا ڪئي وئي؟ جسٽس قاضي چيو ته ڇا وزير اعظم جو معيار ايترو گهٽ آهي جو هو پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي سان سلهاڙي ڇڏي؟ ڇا ڪو جج به ڪنهن سياسي پارٽي جي پينل جو فنڪشن جوائن جوائن ڪري سگهي ٿو؟ ڇا ڪو جج به اهڙي حرڪت ڪري سگهي ٿو، ان تي قانوني معيار ڪهڙو آهي؟ جسٽس قاضي فائز وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب پروفيشنل ذميواريون ادا ڪرڻ بدران هڪ سياسي پارٽي جي تقريب ۾ ويٺل آهي. ان تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل قاسم چوهاڻ چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب وڪيلن جي تقريب سبب ويو. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ پنجاب جنرل قاسم چوهاڻ کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ڇا وزير اعظم وزير اعظم طور پروگرام ۾ شرڪت ڪئي؟ توهان ٻڌايو ڇا وزير اعظم ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ائين ڪرڻ جا مجاز هئا؟ توهان جواب ڏيو ته شايد توهان جي نوڪري هلي وڃي پر قانون نوڪري کان مٿانهون هئڻ گهرجي. عدالت جي پڇاڻي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته منهنجي مقرري سياسي طور تي ناهي ٿي، مون تقريب ۾ شرڪت ڪئي نه ئي ويڊيو ڏٺي ان ڪري راءِ نٿو ڏئي سگهان..03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.