ڪورونا ۽ برساتن سبب مهانگائي وڌي آهي: حفيظ شيخ

اسلام آباد ( م ڊ ) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪورونا وائرس ۽ تازين برساتن کانپوءِ  عام واهپي جون شيون مهانگيون  ٿيون آهن. حفيظ شيخ جي صدارت هيٺ نيشنل پرائس مانيٽرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ ڪڻڪ، کنڊ، ٽماٽر، پٽاٽا ۽ مرغي جي گوشت سميت ٻين ضروري شين جي قيمتن تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ۽ موجودگي بابت مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو. حفيظ شيخ صدارتي خطاب ڪندي چيو ته صارفين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻايا ويندا. پڌرائي موجب برساتن ۽ ڪورونا سبب مهانگائي ٿي آهي، جڏهن ته اهو به ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جي درآمد جاري آهي، هيل تائين 1.8 ملين ٽن ڪڻڪ گهرائي وئي آهي، کنڊ جا ذخيرا نومبر تائين موجود آهن. ان موقعي تي حفيظ شيخ هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي اسٽورز ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائي، چيف سيڪريٽري وقت تي ڪڻڪ جاري ڪري قيمتن ۾ استحڪام آڻين، جڏهن ته مارڪيٽ ڪميٽيون به ڪردار ادا ڪن.اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهانگائي جو ڪارڻ منافعي خوري به آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.