يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، اٽو ۽ گيهه ناياب

ڪراچي ( رپورٽر ) ملڪ جي اڪثر يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ، اٽو ۽ گيهه ناياب ٿي ويو آهي. ذريعن موجب يوٽيلٽي اسٽور گذريل ٻن مهينن دوران  کنڊ جي خريداري لاءِ 3 ٽيندڙ جاري ڪيا، 2 آگسٽ سيپٽمبر ۽ هڪ آڪٽوبر ۾ جاري ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽئي ڀيرا 35، 35 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا پر شوگر ملز آگسٽ ۾ 4 هزار ميٽرڪ ٽن يوٽيلٽي اسٽور کي وڪرو ڪئي، جنهن سبب آگسٽ ۾ خريد ڪيل کنڊ يوٽيلٽي اسٽورن کي 94 رپيا في ڪلو ۾ پئي، جڏهن ته سيپٽمبر ۾ جاري کنڊ ٽينڊر جي ٻولي ۾ ڪنهن به شوگر ملز حصو نه ورتو. يوٽيلٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪڻڪ پاسڪو کان وٺندا آهيون، ادائيگين جي مسئلن سبب يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي جي کوٽ پيدا ٿي پر دستيابي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. عملدارن ٻڌايو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ، اٽو، گيهه سستو ٿيڻ کانپوءِ دستيابي سبب ڏکيائيون آهن، يوٽيلٽي اسٽور تي کنڊ جي قيمت 68 رپيا في ڪلو مقرر آهي ۽ پئڪيج تحت 20 ڪلو اٽي جي قيمت 800 رپيا مقرر آهي، جڏهن ته پئڪيج تحت گيهه جي في ڪلو قيمت 170 رپيا آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.