سنڌ ۾ اٽي جو بحران، في مڻ 2900 رپين تائين پهچي ويو

ڪلوئي( رپورٽ: نواز لنڊ)ڪلوئي ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي  وئي، اٽو اڻ لڀ، ڪلوئي تعلقي ۾ هڪ طرف اٽو ڏيڍ هفتي کان اڻ لڀ ۽ ملاوٽ وارو اٽو مهانگي اگهه تي وڪامڻ لڳو آهي ملاوٽ وارو اٽو 2880 روپين کان 2900 في مڻ جي مهانگي ترين ريٽ تي پهچي ويو آهي جڏهن ته ٻهراڙي جي دڪانن تي 2950 کان 3000 روپيا في مڻ جي مهانگي ترين ريٽ کان به وڌڻ لڳو آهي جڏهن کنڊ 95رپياڪلو، بصر 60، پٽاٽا 50رپيا. دال 160، ايري چانور 80 روپيه ڪلو ۾ وڪامجي رهيا آهن،  رهواسين رمضان لنڊ عزيز هالو منظور علي دانهيو ته ضلعي انتظاميا ڪنهن به قسم جي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن چيو ته ڪلوئي توڙي آس پاس جي علائقن ۾ ڪنهن به چڪي مالڪ يا دڪاندار وٽ ريٽ لسٽون لڳل نه هجڻ سبب واپاري پنهنجي مرضيءَ موجب ريٽ وٺي رهيا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.