حب ندي مان ڪڻڪ ۽ اٽو بلوچستان اسمگل ٿيڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) خوراڪ کاتي بلوچستان حڪومت پاران ڪڻڪ جي درخواست تي وڏي وزير کي لکيل خط ۾ مخالفت ڪري  ڇڏي، سيڪريٽري خوراڪ طرفان حب ندي مان وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ ۽ اٽو بلوچستان رستي اسمگلنگ ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ عوامي آواز کي هٿ آيل  دستاويزين موجب بلوچستان جي سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) فصيل اصغر  14 سيپٽمبر 2020 تي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ هن واضع ڪندي چيو ته صوبي جي عوام جي پورت ڪرڻ لاءِ بلوچستان حڪومت هر سال پنجاب ۽ سنڌ کان 70 سيڪڙو ڪڻڪ امپورٽ ڪندي آهي ان ڪري اسان کي ڪڻڪ جي خريداري ۽ امپورٽ جي اجازت ڏني وڃي، خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري لئيق احمد 23 سيپٽمبر 2020 تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خط لکي بلوچستان حڪومت کي ڪڻڪ ڏيڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. سيڪريٽري خوراڪ طرفان حب ندي مان سنڌ مان وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ ۽ اٽو بلوچستان رستي اسمگلنگ ٿيڻ جو انڪشاف ڪندي چيو ته ڪڻڪ چوري جي روڪٿام لاءِ سخت انتظام ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.