پ پ جو شيخ رشيد کي مولانا عادل ڪيس جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي(رپورٽر) تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني وفاقي وزير شيخ رشيد کي  ڊاڪٽر محمد عادل خان جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم جي جلسن جي اعلان بعد وزيراعظم ۽ وفاقي وزير بوکلائجي ويا آهن ۽ سندن ڄنگهون ڏڪي رهيون آهن، اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم، پي ايس پي، مسلم ليگ مشرف ۽ ٻين  پارٽين جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پاران پ پ ۾ شموليت جي اعلان جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته شيخ رشيد کان پڇيو وڃي ته کيس ڪنهن ٻڌايو ته دهشتگردي پکڙجي سگهي ٿي؟، مولانا عادل جي پُٽ سِڪيورٽيءَ لاءِ رابطو ڪيو هو، سِڪيورٽي ڪميٽي جي قيام بعد وڏي وزير کي سِڪيورٽي ڏيڻ جو اختيار نه آهي، صوبائي حڪومت وٽ اختيار هجي ها ته هڪ ڪلاڪ ۾ سِڪيورٽي مهيا ڪريون ها، هن چيو ته ڊبل سواري تي پابندي جو نوٽيفڪيشن حڪومت سان مشوري کانسواءِ ڪڍيو ويو، ان لاءِ حڪومت سان مشورو نه ڪيو ويو هو، پي ٽي آءِ جي جهانگير ترين، عليمه باجي، خسرو بختيار ۽عاصم باجوه لاءِ ڪو به احستاب نه آهي، باقي بلاول ڀٽو زرداري جي کائڻ ۽ ڪپڙن جي ڊرائي ڪلين تي به ڪيس ٺاهيو وڃي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.