نجڪاري معاملو، شازيه مري ۽ عمر ايوب ۾ ڏند چڪ

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر شازيه عطا مري جي  نجڪاري بابت سوالن تي توانائي واري وزير عمر ايوب سنڌ حڪومت تي الزام لاڳو ڪري ڇڏيا. توانائي بابت ڪميٽيءَ جو اجلاس چوڌري سالڪ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ شازيه مري ۽ عمر ايوب وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. شازيه مري سوال ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته نجڪاري سان بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي ڪهڙو فائدو رسيو؟ ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري جو فيصلو تڪڙ ۾ ڪيو ويو، جيڪو اسان جي آڏو آهي.جواب ۾ عمر ايوب چيو ته سنڌ حڪومت ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو هو، جنهن تي شازيه مري چيو ته اوهان سنڌ حڪومت تي الزام لڳايو ٿا پر حيسڪو کي ٺيڪ نٿا ڪيو، جنهن تي عمر ايوب چيو ته سنڌ مان پاڻي ڪڍڻ بدران پئسا کاڌا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.