مولانا عادل قتل ڪيس، وارثن جو ڪيس کان انڪار

ڪراچي ( رپورٽر )  جامعه فاروقيه جي مهتم مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي ڊرائيور سميت شهادت واري واقعي جو سندس وارثن ڪيس داخل ڪرائڻ  کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن موجب گهرڀاتين فيصلو ڪيو آهي ته مولانا عادل خان جي ويجهن دوستن سان مشاورت کانپوءِ ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب وارثن جي انڪار کانپوءِ سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا ڊاڪٽر عادل خان ۽ ڊرائيور جي شهادت جي ڪيس ۾ دهشتگردي ۽ قتل سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويندا. پوليس ذريعن موجب ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ جاچ سي ٽي ڊي حوالي ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ مولانا عادل خان ۽ ڊرائيور سميت شهيد ٿي ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.