بلديا فيڪٽري ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  بلديا فيڪٽري سانحي واري ڪيس ۾ سزا ٻڌايل  جوابدارن  رحمان ڀولا ۽ زبير چريا سميت 5 جوابدارن جي سزا خلاف اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي پراسيڪيوٽر جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ۾ سزا جي خلاف اپيلون داخل ڪندڙ جوابدارن رحمان عرف ڀولا ۽ زبير عرف چريا دهشتگردي ٽوڙ عدالت 264 ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي هئي. عدالت ٻين جن ٽن جوابدارن جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪيون. انهن ۾ منصور احمد، ارشد محمود ۽ فضل احمد شامل آهن. عدالت پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي اي ٽي سي جي فيصلي جي ڪاپي ۽ ڪيس جو رڪارڊ 4 مهينن ۾ طلب ڪري ورتوآهي، رحمان ڀولا ۽ زبير چريا پنهنجي اپيل ۾ چيو آهي ته باهه لڳي ته فيڪٽري جا دروازا بند هئا جيڪي مالڪن جي حڪم تي لاڪ ڪيا ويا، جڏهن ته ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪو به ٻيو رستو نه هو. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ماڙ عمارت ۾داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جو هڪ ئي رستو هو. فيڪٽري جي درين کي لوهي شيخن سان بند ڪيو ويو هو. ان لاءِ هنگامي طور تي ٻاهر نڪرڻ جو رستو نه هجڻ سبب ملازم فوت ٿيا.اپيل ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل کاتي بدديانتي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪيو. فيڪٽري مالڪن  ۽ لاڳاپيل کاتي جي غفلت سبب معصوم ماڻهو فوت ٿيا. جنهن جا ذميوار مالڪ ۽ لاڳاپيل کاتي جا ماڻهو ذميوار آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.