ايف آءِ اي جو فتح محمد برفت جي گهر تي ڇاپو

ڪراچي ( رپورٽر) ايف آءِ اي جا ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڇاپا، ليپ ٽاپ ۽ ٻيون شيون ضبط، ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ جي ٽيم  ڪراچي يونيورسٽي جي اسٽاف ڪالوني ۾ ڇاپا هنيا. ايف آءِ اي ذريعن موجب اسٽاف ڪالوني ۾ ٻن گھرن تي ڇاپا هنيا ويا، جن مان هڪ گھر سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي ۽  ڪرمنالوجي ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي چيئرمين فتح محمد برفت جو آهي، جنهن ۾ سندس پٽ رهائش پذير آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب فتح محمد برفت جي ننهن تي جعلي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي سرڪيوليٽ ڪرڻ جو الزام آهي،  جعلي وڊيو تي بين الاقوامي نشرياتي اداري جو لوگو پڻ هنيو ويو، جنهن جي جاچ ايف آءِ اي ڪري رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڇاپو هنيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.