راڄو خاناڻي ۾ پيرسن آپگهات ڪري ڇڏيو

راڄوخاناڻي( ن ع آ ) راڄوخاناڻي شهر جي ويجهو ڳوٺ ٿيٻا جي ڪولھي پاڙي جي پنجاھ50 سالن جي ڪولھي پانچو ڪولهي پٽ کانگھر  ڪولهي پنهنجي گھر جي ھڪ ڪمري جي ڇت ۾ رسي جو ڦاھو ٺاھي پنهنجي پاڻ کي ڦاهي ڏني خودڪشي ڪري ڇڏي گھر ۾ انھي موقعي تي ڪير به موجود نه هو گھر وارا لابارو ڪرڻ ويل ھئا پاڙي جي ڪجھ ماڻهن ڏسي مائٽن ۽ پوليس اسٽيشن راڄوخاناڻي تي اطلاع ڏنو مائٽن پھچي پوليس راڄوخاناڻي جي مدد سان تلهار اسپتال پهچايو جتي سندس پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو . جڏهن تہ خودڪشي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.