مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، ٽائيگر فورس غيرقانوني آهي: خورشيد شاهه

سکر( رپورٽ:اظهر علي دايو+ اختيار چنا)  پ پ اڳواڻ خورشيد احمد شاهه کي سخت سيڪيورٽي هيٺ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال  کان ايمبولينس ذريعي احتساب عدالت پھچايو ويو،احتساب خورشيد شاھ ۽ ٻين خلاف حتمي ريفرنس آڻڻ جي درخواست منظور ڪندي حتمي ريفرنس آڻڻ بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ، ريفرنس جي ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي، خورشيد شاھ احتساب عدالت ٻاھريان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت ملڪ جي معاشي حالتون انتھائي خراب آھن ،پي ٽي آئي حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، هن  چيو ته مون تي لڳايل الزام ڪوڙا آھن ،1975 ۾ ورتل پراپرٽي جو اگهھ اڄ جي حساب سان لڳايو ويو آهي ،مھانگائي سبب عوام پريشان حال آھي،ملڪ جي ادارن کي اپيل ٿو ڪيان ته ملڪ کي بچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن، هن چيو ته ٽائيگرز فورس مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرائڻ لاءِ  قانون جي  خلاف ورزي آهي.

وزير استعيفيٰ ڏين، ڪم ٽائيگر فورس کي ڏنو وڃي: شيري رحمان

اسلام آباد ( م ڊ ) پيپلزپارٽي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان وفاقي وزيرن کي اپوزيشن پٺيان لڳائي  ڇڏيو آهي، وزيرن جو ڪم ٽائيگر فورس پئي ڪري، وزير استعيفيٰ ڏين ۽ انهن جو ڪم به ٽائيگر فورس ڪري. هڪ بيان ۾ شيري رحمان چيو ته ٽائيگر فورس کي مهانگائي تي نظر رکڻ جي هدايت وفاقي ڪابينا خلاف چارج شيٽ آهي، مهانگائي گهٽ ڪرڻ ٽائيگر فورس جو نه پر حڪومت ۽ ڪابينا جو ڪم آهي. هن سوال ڪيو ته ٽائيگر فورس کي ڪهڙي قانون تحت مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، نااهل سرڪار جي نوٽيسن سبب عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي.

کنڊ ۽ اٽي بحران جا ذميوار وفاقي ڪابينا ۾ ويٺل آهن: ناصر شاهه

ڪراچي ( رپورٽر ) اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت  پنهنجي ناهلي اسان جي ٿوڦڻ بند ڪري. اٽي، کنڊ ۽ ڪڻڪ بحران جا ذميوار وفاقي ڪابينا ۾ ويٺا آهن، خسرو بختيار ۽ جهانگير ترين خلاف ڪارروائي ٿئي ها ته ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران پيدا نه ٿئي ها.وفاقي وزيرن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بيانن تي رد عمل ڏيندي ناصر حسين شاهه چيو ته وفاق کي سستي ڪڻڪ ملڪ ۾ وڪرو ڪري ٻاهرين ملڪ مان مهانگي ڪڻڪ گهرائڻ جي عادت ٿي چڪي آهي. هن چيو ته انسانن جي استعمال جي ڪڻڪ پولٽري فارم کي ڏيڻ وارا وفاقي وزير ڪڻڪ بحران جو پِٽڪو ڪري رهيا آهن. ناصر شاهه سوال ڪيو ته وفاقي حڪومت ٻڌائي ڪڻڪ ۽ کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث وفاقي وزيرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ وفاقي وزيرن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ ناهي ته فوڊ سڪيورٽي جو کاڌو سنڌ نه پر وفاق جي ماتحت آهي.

سون وري 300 رپيا مهانگو، في تولو هڪ لک 16 هزار 500 رپين تي پهچي ويو

ڪراچي ( رپورٽر ) ملڪ ۾ سون جون قيمتون وري وڌي رهيون آهن، في تولو 300 رپيا  مهانگو ٿي ويو آهي. سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 300 رپين جي واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ سون جو في تولو هڪ لک 16 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي. 10 گرام جي قيمت 257 رپيا وڌي 99 هزار 880 رپيا ٿي وئي آهي. ايسوسيئيشن موجب عالمي صرافا بازار ۾ سون جو قدر 8 ڊالر گهٽ ٿي 1923 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

حڪومت جو ٽائي ٽينڪ مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي: سراج الحق

لاهور ( م ڊ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومتي ٽائي ٽينڪ  مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي. هڪ بيان ۾ سراج الحق چيو ته غريب عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ اڇلايو ويو آهي، حڪومت مهانگائي آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته مهانگائي جو گراف ڏينهون ڏينهن مٿي ۽ حڪومت جو گراف هيٺ پيو اچي،  اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن حڪومت پاڻ مهانگائي جي بار هيٺان دٻجي ويندو.

ڪڍڻ ۾ ڀاڄيون ۽ داليون به غريبن جي پهچ کان ٻاهر

ڪڍڻ: (رپورٽ : بابو کوسو ) ڪڍڻ ۾ کاڌي پيتي  جي شين جي اگهن ۾ هٿرادو واڌ سبب عوام  کي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.اٽو، 65 کان 70 رپيا، دال مڱ 300 رپيا، دال مسور 200 رپيا، ڏاڙهون 200 رپيا، صوف 170 رپيا، گوبي 80 رپيا، مالٽا 200 رپيا ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، واپاري پنهنجا اگهه مقرر ڪري غريب عوام کي پنهنجن هٿن سان ڦري رهيا آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته  شين جا اگهه وڌڻ ڪري ٻچن کي فروٽ يا سبزيون وٺي کارائڻ پري جي ڳالهه آهي پر اٽي جو ڪلو وٺي نٿا سگهون، شهرين ڊي سي بدين کان مطالبو ڪيو آهي، روز مرهه جي شين جا اگهه ڪنٽرول عوام کي هٿرادي مهانگائي کان بچايو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.