باجوه سي پيڪ تان به استعيفيٰ ڏئي، جنوري کان اڳ حڪومت ختم ٿي ويندي: مريم نواز

لاهور ( بيورو +م ڊ) نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عاصم سليم باجوه کي سِي پَيڪ اٿارٽي جِي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ  ڏيڻ گهرجي، خاص معاون وارَي عهدي تان استعيفيٰ ڪا معنيٰ نه ٿي رکَي. مريم نواز چيو ته اهڙو ماڻهو، جنهن مٿان ثبوتن سان الزام لڳل هجن، اُن کي پنهنجي صفائي کان اڳ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته عوام سان جيڪو به جنگ ڪندو، اُهو کٽي نه سگهندو، عوام نالائق ۽ نااهل حڪمرانن کان تنگ اچي چڪو آهي، هاڻي ماڻهو ئِي جواب ڏيندا. ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران مريم نواز چيو ته گجرنوالا وارو جلسو ڪامياب ويندو. عوام نواز شريف جي سڏ کي ورنايو آهي انشاءَ الله فتح عوام جي ئي ٿيندي، ٻئي پاسي مريم نواز چيو ته عوام سان جنگ ڪرڻ وارا کٽي نٿا سگهن، مهانگائي کان تنگ عوام نوازشريف کي لبيڪ ڪيو آهي، حڪومت مخالف تحريڪ ڪامياب ٿيندي، هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هن جو مقابلو ڪم ظرف ماڻهن سان آهي، ميان نوازشريف جي سوالن جو جواب غداري ناهي، مريم نواز کي خاموش ڪرڻ وارا هاڻي پاڻ خاموش ٿي ويندا، هن حڪومت جي جيتري به حمايت ڪئي ويندي اها رائيگان ويندي، هن چيو ته پرڏيهي پاليسي کي تماشو بڻائي رکيو ويو آهي، هن چيو ته جنوري کان گهڻو اڳ هن حڪومت جو ڪم لهي ويندو، هي نه آئيني حڪومت آهي نه ئي چونڊيل حڪومت آهي، هن چيو ته مون تي ۽ ميان صاحب تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن نوازشريف جي بيانئي جي حمايت نه ڪئي ته ان جي مجبوري هوندي، ن ليگ کي ڪنهن جو آشيرواد حاصل ناهي، شريف ڀائر هڪ صفحي تي آهن، شهبازشريف سان منهنجو ڪو به اختلاف ناهي، شهبازشريف جي اپروچ مختلف آهي، جيڪا پهرين به رهي آهي، ن ليگ سان هن وقت جيڪي زيادتيون ٿي رهيون آهن اهڙيون ته مشرف دور ۾ به نه ٿيون، ڊيل هجي ها ته معاملا ان حد تائين نه پهچن ها، نوازشريف علاج ڪرائي واپس موٽندو، هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته استعيفائن بابت پ پ جي سوچ الڳ آهي، باقي سڀ پارٽيون گڏ آهن، ڪورونا هجي يا نه هجي ماڻهو جلسي ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهن، هن چيو ته عاصم باجوه محب وطن پاڪستاني آهي،هن استعيفيٰ قومي مفاد ۾ ڏني آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.