سينيٽ ڪميٽي پاران ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي مخالفت

اسلام آباد ( م ڊ ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته چيني ويڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ تي حڪومت پاران لڳايل پابندي مستقل ناهي، مواد تي فلٽر لڳائڻ جي حوالي سان ٽڪ ٽاڪ انتظاميه سان رابطو جاري آهي. سينيٽ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي علي محمد خان چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ٽڪ ٽاڪ خلاف ايڪشن کنيو ويو. پي ٽي اي ميمبر اجلاس کي ٻڌايو ته غير اخلاقي مواد جي شڪايتن تي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لڳائي وئي. ڪميٽي چيئرمين چيو ته اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ جو قانون ٺاهي غير اخلاقي مواد روڪي سگهجي ٿو، حڪومت ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪرڻ بدران ريگوليٽ ڪري.

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ٽي ٽي پي جا 2 ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر  ) ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جون  ڪارروايون، ايم ڪيو ايم لنڊن ۽ ٽي ٽي پي جا ٻه ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، سي ٽي ڊي انچار چوڌري صفدر موجب ڳجهي طلاع تي ڪورنگي جي ٻن مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪيون ويون، پهرين ڪارروائي ۾ ڏوهاري منهاج الدين عرف منهاجه کي گرفتار ڪيو ويو، سي ٽي دي موجب گرفتار جوابدار جو تعلق تحريڪ طالبان بنون اختر محمود گروپ سان آهي، جيڪو ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ڏهي سرگرمين  ۾ ملوث آهي، منهاج بم ٺاهڻ ۽ پلانٽ ڪرڻ جو ماهر آهي کيس پرڏيهه فرار ڪرائڻ خاطر ڪاچي پهچايو ويو هو جنهن کي انٽيليجنس اطلاعن تي گرفتار ڪيو ويو،  سي ٽي ڊي انچارج موجب ٻي ڪارروائي دوران جوابدار لال بادشاهه کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار ايم ڪيو ايم لنڊن جو ٽارگيٽ ڪلر آهي، جڏهن ته هو ايم ڪيو ايم جي ٽارگيٽ ڪلر ٽيم جي سربراهه رئيس مما جو ويجهو ساٿي پڻ آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.