نواز- مشرف سرد جنگ ڪارگل مان فوج واپس گهرائڻ تان ٿي

اسلام آباد ( م ڊ ) 12 آڪٽوبر 1999 تي ميان نواز شريف جو تختو اونڌو ڪري هن کي گرفتار ڪيو ويو هو، ان فوجي بغاوت کي 21  سال مڪمل ٿيڻ تي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  12 آڪٽوبر وارو سانحو اصل ۾ ڪارگل جنگ سبب نواز شريف ۽ جنرل پرويز مشرف وچ ۾شروع ٿيل  سرد جنگ جي عروج جي پوائنٽ هئي، ڇاڪاڻ جو نواز شريف ڪارگل جنگ دوران پرويز مشرف جي مرضي خلاف آمريڪا ويو هو ۽ ڪارگل مان فوج واپس گهرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، جنهن سان فوج ۾ بيچيني پکڙجي وئي هئي ۽ پوءِ آخر ڪار اها بيچيني حڪومت ۽ فوج وچ ۾ سرد جنگ جي شڪل اختيار ڪري وئي، جڏهن پاڪستان ۾ تيار ڪيل آگسٽا آبدوز جو فتتاح ڪرڻ لاءِجنرل پرويز مشرف ڪراچي آيو ته هن غير رسمي ڳالهه ٻول ڪندي چيو هو ته نواز شريف آمريڪا وڃڻ وارو آهي، مشرف جا لفظ هئا ته ” اوهان جو وزير اعظم معافي وٺڻ لاءِ آمريڪا وڃي رهيو آهي.“  12 آڪٽوبر واري ڏينهن  ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف سريلنڪا جي دوري تي ويل چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف کي برطرف ڪري ان جي جاءِ تي جنرل ضياالدين بٽ کي نئون آرمي چيف مقرر ڪيو، نئين آرمي چيف جو هيڊ ڪوارٽر جو دورو اڃا رهيل هو، پرويز مشرف وطن واپسي لاءِ روانو ٿي چڪو هو، هن جي جهاز کي ڪٿي به لهڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، پوءِ اوچتو فوجي جوان وزير اعظم هائوس جو دروازو ٽپي اندر داخل ٿي ويا، فوج طرفان وزيراعظم کان استعيفا گهري وئي انڪار تي گرفتار ڪيو ويو، ڪراچي ۾ به اهم جاين تي فوج مقرر ڪئي وئي، ڪراچي ائير پورٽ تي مشرف جڏهن جهاز کان ٻاهر آيو ته اتي آيل ڪراچي جي ڪور ڪانڊر عثماني ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل محمود کيس سليو ٽ ڪيو ، جنهن بعد واضح ٿي ويو ته فوج جي ڪمان ڪنهن جي هٿ ۾ آهي. ان کانپوءِ مشرف جي جهاز کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪيس ۾ نوازشريف، شهباز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي  ۽ سينيٽر سيف الرحمان کي عمر قيد ٻڌائي وئي .ان ڪيس جي وڌ ۾ وڌ سزا موت آهي ۽ ان ۾ جنهن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ويندي آهي ته اهو پنهنجي فتح سمجهندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.