اپوزيشن جا 150 ميمبر استعيفيٰ ڏئي سگهن ٿا: خواجه آصف

ڪراچي ( م ڊ ) ن ليگ جي سينئر اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته اپوزيشن جا 150 ميمبر استعيفيٰ ڏئي سگهن ٿا. نجي ٽي وي کي انٽرويو  ڏيندي خواجه آصف چيو ته حڪومت کي گهڻو وقت ڏنو، اپوزيشن کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، اسان چاهيون ٿا ته قومي ۽ صوبائي اسيمبليون گڏ وڃن، جيڪڏهن اتحادين سان  اتفاق ٿي ويو ته گڏجي استعيفائون ڏينداسين. خواجه آصف چيو ته عمران خان جي حڪومت زحمت بڻجي وئي آهي، جلد وڃڻ واري آهي. هن چيو ته حڪومت خلاف سياسي دٻاءَ جا نتيجا نه نڪتا ته ٻيو آپشن استعمال ڪنداسين، حڪومت کي معاملا سڌارڻ لاءِ هر موقعو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون،  حڪومتي وزير به مهانگائي اعتراف ڪندي نطر اچن ٿا. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران حالتون خراب ٿي وينديون، فوج ۽ عدليه سميت ادارن کي 70 سالن جي ندامت جو جواب ڏيڻو پوندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.