جاڳڻ ڀرسان مارفاڻي برادري ۾ خوني تڪرار جو نبيرو، هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا ڏنڊ مقرر

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان جاڳڻ ۾ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار جو نبيرو ، 9 خونن جو ڌرين مٿان هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا ڏنڊ مقرر ، ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.  ميان صاحب ڀرسان جاڳڻ  ۾ مارفاڻي برادري جي ٻن ڌرين عبدالرشيد مارفاڻي ۽ نواز مارفاڻي وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو جاڳڻ ڀرسان سردار عبدالغفور ٿھيم ۽ سردار منظور خان پنھور جي سرپئنچي ۾َ ٿيو، ٻنهي ڌرين جي وڏي انگ ۾ چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. نبيري ۾ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد عبدالرشيد مارفاڻي جي اوغان سميت 4 خون ۽ نواز مارفاڻي جي ڌر جي هڪ عورت سميت 5 خون ثابت ٿيڻ تي في خون جي بها 15 لک رپيا عورت جا 30 لک رپيا مقرر ڪيا ويا، جنهن ۾ نواز مارفاڻي جي گهرن کي نقصان پهچائڻ جا 15 لک رپيا مقرر ڪيا ويا. نبيري ۾ مجموعي طور هڪ ڪروڙ 80 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.