ٽائيگر فورس سرگرم، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ڪارروايون

ڪراچي/ اسلام آباد ( م ڊ ) فروٽ ۽ سبزين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ مقامي انتظاميه ۽ ٽائيگر فورس  مارڪيٽن جا دورا ڪيا ۽ مهانگي اگهن تي شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو، جڏهن ته ڪجهه دڪان سيل به ڪيا ويا. فروٽن ۽ سبزين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب شهري پريشان آهن، جنهن بعد وزيراعظم عمران خان جي ٽائيگر فورس ۽ مقامي انتظاميه حرڪت ۾ اچي وئي آهي.ٽائيگر فورس اگهن جي جاچ پڙتال ڪري رپورٽ انتظاميه کي ڏيندي، جنهن تي ضروري ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي ۽ مهانگي اگهن تي وڪرو ڪندڙ دڪاندارن کي ڏنڊ وڌو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جو چوڻ آهي ته سموري اسلام آباد ۾ بازارن ۽ يونين ڪائونسل ۾ ٽائيگر فورس ڪميٽيون ٺهيل آهن، انهن کي سرگرم ڪيو آهي، جيڪي بازارن ۾ وڃي اگهه چيڪ ڪن ٿا. ٻي طرف ڪراچي ۾ ڊي سي ويس تبديل ڪري ڪارروايون ڪيون ۽ اگهه معلوم ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.