ٻيٽن بابت آرڊيننس خلاف بي اين پي جو قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

اسلام آباد( م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ خلاف قومي اسيمبلي ۾ رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. بي اين  پي جي ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪار ٻيٽن بابت آرڊيننس آڻي غير آئيني قدم کنيو آهي. هنن چيو آهي ته غير آئيني قدم کڻڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. بي اين پي ٺهراءُ اختر مينگل ۽ ٻين جمع ڪرايو. ٺهراءُ تي اختر جان مينگل، حاجي هاشم نوتيزئي، ايم اين اي ڊاڪٽر  شهناز  جون صحيحون ٿيل آهن . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.