وفاق کي ٻيٽن تي سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ها: نثار کهڙو

نوابشاهه(رپورٽ: اڪرم چانڊيو) ڪار ساز سانحي جي حوالي سان 18آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ رٿيل جلسي جي حوالي سان نوابشاهه پيپلز  سيڪريٽريٽ ۾ پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي جي صدارت ۾ اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ شھيد بينظير آباد ڊويزن جي ٽنھي ضلعن نوابشاهه، سانگهڙ ۽ نوشهرو فيروز جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ۽ سينٽرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي نثار کهڙو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 18 آڪٽوبر وارو سانحو شھيدن جو ڏھاڙو آھي، اسان جا لکين ڪارڪن ان ڏھاڙي تي جلسي ۾ شرڪت ڪندا، ھن چيو ته ھي جلسو نااھل ۽ ڪرپٽ حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو، اسان سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق حوالي نه ڪيو آهي، وفاقي حڪومت جو ھاڻي وڃي صوبن تي قبضو ڪرڻ بچيو آھي، ھن چيو ته وفاق کي سنڌ حڪومت سان ڳالھيون ڪرڻ گھرجن ھا پر وفاق زبردستي آرڊيننس جاري ڪري سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿي، ھن چيو ته وزيراعظم مھانگائي خلاف ٽائيگر فورس ٺاھي سويلين جھيڙو ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ فورس پرائيويٽ ماڻھن تي ٻڌل آهي ۽ اھا ٽائيگر فورس مھانگائي تي ڪنٽرول ڪندي يا دوڪاندارن جو سامان کڻي کپائي ڇڏيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.