ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌي قوم ڊگهي جدوجهد لاءِ تيار آهي: قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر)ايس ٽي پي پاران سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضي ۽ صدارتي آرڊيننس خلاف ڪراچي ۾ ٿيل ڪامياب ريلي تي ايس  ٽي پي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سياسي سماجي، مذھبي تنظيمن، فورم ۽ سنڌي قوم جا ٿورا مڃيندي ۽ مبارڪون ڏيندي چيو آھي تھ ريلي ۾ لکين ماڻھن جي شرڪت مان ثابت ٿي ويو آھي تھ سنڌي ماڻھو صدارتي آرڊيننس کي رد ڪن ٿا ۽ ھن آرڊيننس کي مادر وطن سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ھٿ چراند سمجھن ٿا،ھن چيو تھ وفاقي حڪومت ۽ پ پ پ ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ خلاف سازشون ڪري رھيون آھن. ٻيٽن تي قبضي وارو صدارتي آرڊيننس فوري واپس ورتو وڃي. ٻي صورت ۾ صدارتي آرڊيننس خلاف سنڌي قوم ڊگهي جدوجھد لاءِ تيار آھي ۽ جدوجھد تيسيتائين جاري رھندي جيستائين آرڊيننس کي واپس نھ ٿو ورتو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.