سانا پاران ٻيٽن تي قبضي خلاف آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ مرحليوار احتجاج جو اعلان

نيويارڪ( پ ر)سانا جي سنڌ آئلينڊ ڪاميٽي جو اجلاس ڪنوينر ذاڪر بُلو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ سانا صدر محمد علي  مهر، جنرل سيڪريٽري خالد ميمڻ، پاسٽ پريزيڊنٽ ڪاميٽي جو چيئرمين سني پنهور، اڳوڻو صدر عزيز ناريجو، اڳوڻو صدر ڊاڪٽر وليد شيخ، ڊاڪٽر اعجاز تُرڪ، خالد هاشماڻي ۽ شهزاد چانڊيو شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وفاق جو سنڌ جي زمينن ۽ ٻيٽن تي غير آئيني ۽ غير قانوني قبضو سنڌ جي صوبائي خودمختياري ۽ قومي حقن جي لتاڙ آهي. سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس سنڌ جي معاشي، سياسي، ثقافتي، جمهوري ۽ قومي حقن تي ڌاڙي جو تسلسل آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ڳٺ جوڙ سان ڌاريا آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته هو پاڪستان جي وفاق طرفان جاري ڪيل صدارتي آرديننس کي مڪمل طور رد ڪن ٿا. سنڌ ۾ هزارين سالن کان آباد سوين ڳوٺن کي ڊاهي بحريا ٽائون ۽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي سميت مختلف نالن سان رهائشي منصوبا جوڙڻ ۽ سنڌ جي سامونڊي پَٽي ۽ ٻيٽن تي قبضي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي. اجلاس ۾ متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته 15 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ ٻيٽ بچايو تحريڪ جي نڪرندڙ ريلي ۽ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي احتجاجن ۾ سانا جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر وليد شيخ ۽ سانا اڳواڻ ڊاڪٽر اعجاز تُرڪ جي اڳواڻي ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪئي ويندي. 17 آڪٽوبر کان آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي مختلف شهرن ۾ پاڪستاني قونصل خانن اڳيان احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. .جنهن موجب 17 آڪٽوبر تي نيويارڪ، 24 آڪٽوبر واشنگٽن ڊي سي، 31 آڪٽوبر ٽورنٽو، ڪينيڊا، 7 نومبر هيوسٽن، ٽيڪساس، 14 نومبر لاس اينجلس ۽ 21 نومبر تي شڪاگو ۾ پاڪستاني قونصل خاني آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.