صدارتي آرڊيننس سنڌ جي وحدت تي وار آهي: مولانا راشد محمود سومرو

سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ لاء صدارتي آرڊيننس بنيادي طور تي سنڌ کي ورهائڻ لاء پي ٽي آء حڪومت جو عملي قدم آهي ۽ اُهو آرڊيننس آڻي سنڌ جي وحدت تي حملو ڪيو ويو آهي، ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ ميڍيا سان ڳالهائيندي جميعت عُلماء اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري سازش ۾ ناڪامي بعد بوکلائجي پي ٽي آء جي وفاقي سرڪار ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ لاء غير آئيني صدارتي آرڊيننس آندو آهي، جنهن کي جي يو آء مڪمل طور تي رد ڪري ٿي،مولانا راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته، 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ پي ڊِي ايم اي جي جلسي ۾ لکين سنڌ واسي پي ٽي آء سرڪار ۽ ان جي فيصلن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.