ميرپور خاص :منشيات هٿ اچڻ بعد اصل جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا

ميرپور خاص ۾ ٽي ڏينهن اڳ عمرڪوٽ ضلعي جي ٻن ڳوٺن ڪنڊو مهر ۽ نور محمد مڱريو ۾ ڪاروائي ڪري 10 ٽرڪن ۾ لوڊ ٿيل 15 ڪروڙ 83 لک روپين جي ماليت جو انڊين گٽڪو ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ واري معامري ۾ اصل جوابدارن خلاف ڪا ڪاروائي نه ٿي سگهي ، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر جان علي جوڻيجو ۽ سينيئر وڪيلن اصل جوابدار گرفتار ڪري جي آئي ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ، جان علي جوڻيجو ، ممتاز جروار ۽ وڪيل ڪانجي مل ميگهواڙ جو چوڻ هو ته عمرڪوٽ ضلعو منشيات جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي ڄاڻايل غير قانوني گٽڪو عمرڪوٽ جي مشهور منشيات فروش جيسارام مالهي جو آهي جنهن جا مختلف هنڌن تي گودام قائم ٿيل آهن ،ڪسٽم عملدار  ۽ پوليس پاران اصل جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪيو ويو نه وري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هنن آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته منشيات جي ڪاروبار کي روڪڻ  لاء  جي آئي ٽي جوڙي ملوث منشيات فروشن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

رپورٽ- هاشم شر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.