ڪوٽڙي: پر اسرار نموني قتل ٿيل انٽر جي شاگردياڻي جو ڪيس داخل نه ٿيو

ڪوٽڙي ۾ مهينو اڳ پر اسرار نموني قتل ٿيل انٽر جي شاگردياڻي جي ايف آء آر داخل نه ٿي سگهي. وارثن پاران وڪيل جي معرفت ڪيس داخل ڪرائڻ لاء عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي ، مهينو اڳ ڪوٽڙي جي خانزاده ڪالوني جي انٽر جي شاگردياڻي عقيلا شيخ پر اسرار نموني قتل ٿي هئي.14 سيپٽمبر تي لا پتا ٿيل عقيلا جو لاش ٻئي ڏينهن تي سندس گهر جي پاڻيء جي ٽانڪيء مان لڌو ويو هو ، وارثن موجب قتل ۾ ملوث با اثرن جي دٻاء سبب پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، وڪيل پاران ايف آء آر لاء سيشن جج ڄامشورو وٽ درخواست جمع ڪرائي وئي

رپورٽ-نويد راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.