”نواز شريف جي پرڏيهه روانگي جو تعلق ڪنهن به ڊيل سان ناهي، هو واپس ايندو“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ميڊيا تي ڊگهي عرصي تائين منهنجي نالي تي پابندي کان پوءِ پهريون ڀيرو ان وقت نالو منظر تي آيو جڏهن آئون پنهنجي پيءُ ۽ پارٽي جي سربراهه نواز شريف سان ملڻ جي لاءِ ڪوٽ لکپت جيل ويس ۽ قومي احتساب بيورو (نيب) مون کي پيءُ جي آڏو گرفتار ڪيو.

خانگي ٽي وي چينل (آج ٽي وي) جي ميزبان عاصمه شيرازي جي پروگرام ۾ انٽرويو دوران ميزبان عاصمه شيرازي چيو ته توهان جي طرفان ڊگهي خاموشي جي ڪري ميڊيا ۾ ڪجهه نه هليو ۽ توهان جو ٽوئيٽر ڪائونٽ به خالي هو.

ان تي مريم نواز چيو ته ماءُ جي لاڏاڻي ۽ پيءُ (نواز شريف) جي طبيعت خراب ٿيڻ ۽ پوءِ هن جي پرڏيهه ۾ علاج جي روانگي تائين ۾ خوف ۾ مبتلا هيس ته منهنجي ڪجهه چوڻ سان ڪٿي والد تي ڪا سختي نه اچي.

هن پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته جڏهن منهنجي والد جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ته حڪومت جا هٿ پير سڄي ويا ۽ تڏهن به پاڻ ڪجهه دير خاموش رهيس ڇو ته منهنجي ڪري اڳوڻي وزير اعظم جي زندگي آزمائش ۾ اچي.

مريم نواز چيو ته اسان جو مقابلو انتهائي  ڪم ظرف ماڻهن سان آهي جن کي رشتن جي پاسداري جو لحاظ ناهي ۽ هو رڳو انتقام جي باهه ۾ سڙي رهيا آهن.

پارٽي جي نائب صدر چيو ته نواز شريف کي علاج لاءِ ٻاهر موڪلڻ حڪومت جي مجبوري بڻجي وئي هئي تنهن هوندي ان ۾ ڪنهن ڊيل جو ڪو تعلق ناهي.

روانگي کان اڳ نواز شريف جي پليٽيليٽس بابت سوال جي جواب ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته نيب جڏهن نواز شريف جي طبي رپورٽ ملي ته هن کي ڳڻتي ٿي ٿي ۽ هو زوري کيس سروسز اسپتال وٺي وئي جتي سرڪاري ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس ٽيسٽون ڪيون ته نتيجا ڀوائتا هئا پر وزير اعظم عمران خان کي يقين نه آيو ۽ هن پنهنجو ڊاڪٽر موڪليو ۽ گڏوگڏ ئي صحت واري صوبائي وزير ياسمين راشد به اسپتال ۾ بيهي رهي ڇو ته هن کي اندازو هو ته منهنجي پيءُ جي طبعيت ٺيڪ نه هئي.

سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا جيڪا نواز شريف کي تڪليف هئي ۽ جيڪا هن جا طبي نتجا هئا ان بابت صورتحال پيش ڪري ڇڏي.

هن چيو ته ملڪ ۾ نواز شريف جو علاج ممڪن نه هو ۽ لنڊن ۾ هو روز صبح ۽ شام اسپتال ويو جڏهن ته اسان به هن سان گڏ هوندا هئاسين ان ۾ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جي ضرورت نه هئي.

مريم نواز چيو ته نواز شريف علاج ڪرائي واپس ايندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر ٻڌايو ته هن جي ڪنهن سان به ڪا ڳجهي ملاقات ناهي ٿي.

هن ٻڌايو ته اِهو هڪ سٺو فيصلو آهي ته پارٽي جو ڪو به ميمبر ڳجهيون ملاقاتون نه ڪري ۽ جيڪڏهن ملاقات ضروري آهي ته پارٽي جي قيادت جي علم ۾ هجي.

سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقاتن بابت سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته ان تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو ڪندس ڇو ته سنڌ جي گورنر پاڻ ان تي وضاحت ڪري ڇڏي هئي.

مسلم ليگ ن جي اينٽي اسٽيبلشمنٽ نظريي باب سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته هي اينٽي اسٽيبلشمنٽ نظريو ناهي، ماڻهو ڄاڻي واڻي ائين اينٽي اسٽيبلشمنٽ نظريو قرار ڏين ٿا جڏهن ته نواز شريف هميشه ڪردارن جي حوالي ڳالهه ڪئي ادارن جي نه.

پاڪستان ۾ ڪڏهن به شفاف چونڊون ناهن ٿيون ۽ ادارن ۽ ماڻهن جو عمل دخل رهيو ته انهي چونڊن مسلم ليگ ن ايترو هنگامو ڪري رهي آهي؟ جي سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته ائين ته ڪڏهن به ناهي ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.