سجاول: ضلعي جي نوجوانن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج

سجاول ضلعي جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي نظرانداز ڪري ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ خلاف جاڳرتا سوشل نيٽ ورڪ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ،  شهر جي مامون لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ، ۽ نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي  اعجاز عمراڻي، رفيق شاھ، الطاف پٺاڻ ، مولوي اشرف ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سجاول ضلعي جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب ضلعي جي سمورن سرڪاري کاتن ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ هتان جي پڙھيل لکيل نوجوانن کي نظرانداز ڪري ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو آھي جيڪا سراسر زيادتي ۽ ناانصافي آهي.ھنن مطالبو ڪيو ته مقامي نوجوانن کي نوڪريون ڏئي علائقي مان بک ۽ بيروزگاري جو خاتمو آندو وڃي

رپورٽ- امتياز علي سومرو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.