سوئي گيس : اينٽي انڪروچمنٽ طرفان شھر ۾ ڇپرن ۽ ريڙھن خلاف آپريشن

سوئي گيس شھر ۾ اينٽي انڪروچمنٽ طرفان شھر ۾ ڇپرن ۽ ريڙھن خلاف آپريشن ڪيو ويو ، اينٽي انڪروچمنٽ جي انسپيڪٽر طارق رند، اسٽنٽ مختيارڪار ٺري ميرواھ محمد صديق جوڳي , بخت حسين ڪٻر جي اڳواڻي ۾ سوئي گيس ۾ ريڙھن ۽ ڇپرن خلاف آپريشن ڪري ڪيترائي ڇپرا ريڙھا ھٽايا ويا ، ان موقعي تي اسسٽنٽ مختيارڪار محمد صديق جوڳي ۽ اينٽي انڪروچمنٽ انسپيڪٽر طارق حسين رند صحافين کي ٻڌايو ته آپريشن ٺري ميرواھ کان ھنڊياري سوئي گيس ۽ سيٺارجا تائين ڪيو ويندو، سندن چوڻ هو ته انهن ھڪ ھفتو پھريان سمورن دڪاندارن کي نوٽيس موڪليا ھيا پر غير قانوني قائم ڪيل ڇپرا ۽ ريڙھا نه ھٽايا ويا

رپورٽ- آصف علي راڄپر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.