پنوعاقل: پورهيتن جا گهر ڊاهي قبضو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

پنوعاقل جي  ٺڪراٺو ڳوٺ ۾ پورھيتن جا پنج گھر ڊاھڻ ۽ گھرجو سامان کڻڻ کانپوءِ پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ۽ مبارڪپور ٿاڻي تي پنجن ڄڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ خلاف سوين ڳوٺاڻن پاران سر زمين تي احتجاج ڪيو ويو ، گھر ڌڻين عبدالرزاق،غلام شبير،عبدالخالق اعواڻ،امام الدين جکراڻي ۽ پاڙي جي رھواسين سومار فقير مھر،انور مھتم،محمد ملوڪ،صابل،اسماعيل ملڪ  ۽ ٻين پلي ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي احتجاج ڪندي اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ، سندن چوڻ هو ته  با اثر انهن سان ظلم ڪري رھيا آھن، آر پي او سکر جي چوڻ تي پوليس ظلم ڪري رھي آھي ۽ روينيو جا عملدار به ڌمڪيون ڏيندڙن سان گڏ آھن، ھنن ھاءِ ڪورٽ سنڌ ۽ ٻين ادارن کان گھر ڪئي آھي ته انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ- عرفان ڪلھوڙو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.