سوڀو ديرو جا ڪيترائي پاڙا گندگي جي ور چڙهي ويا ،هر پاسي بدبو پکڙيل

سوڀوديرو شھر جي آء آر سي, سوجھرو ماڊل اسڪول ۔ لطيف ڪالوني۔ سھتا محلا۔ سومرا محلا۔ چنا محلو۔ عيد گاه روڊ مين روڊ شاھي بازار شيخ محلو عباسي محلو سميت ۽ ٻيا محلا گندگي جي ور چڙھي ويا, شھر جي  نالين جو گندو پاڻي روڊن رستن ۽ گھٽين ۾ بيهجي ويو ،شھر ۾ ھر طرف بدبوء پکڙجي وئي ، سوجھرو ماڊل اسڪول جي شاگردن ۽ رھواسين ٻڌايو ته ٽائون ڪميٽي عملدارن جي لاپرواھي سبب شھر گندگي جي ور چڙھيل آھي،شهرين  وزيراعلي سنڌ، ڪمشنر سکر ،ڊي سي خيرپور ۽ لوڪل گورنمينٽ جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صفائي ڪرائي وڃي

رپورٽ- اورنگزيب پيرزادو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.