ڪورونا وبا: بازارن، اسپتالن ۽ آفيسن ۾ ماسڪ پائڻ لازمي قرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ڪورونا وائرس بابت احتياطي تدبيرن جي سلسلي ۾ سڄي ملڪ جي بازارن، اسپتالن ۽ آفيسن ۾ ماسڪ پائڻ کي لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

اِهو فيصلو وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جي اجلاس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وڏن وزيرن ويڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي جڏهن ته وفاقي وزيرن، نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ لاڳاپيل اختيارين به شريڪ ٿيون.

ذريعن موجب صوبائي اختيارين اجلاس ۾ مريضن جي ڊيٽا ۽ ٻين مسئلن جي ڳالهه ڪئي ۽ ڪورونا جي حوالي سان مختلف اهم فيصلا ڪيا ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت مختلف شهرن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جي بدران مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون تي عملدرآمد جو فيصلو ڪيو آهي.

اجلاس ۾ وزير اعظم مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون بابت صوبن کي اعتماد ۾ به ورتو.

ذريعن موجب عوام کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ عام مارڪيٽن، اسپتالن ۽ آفيسن ۾ ماسڪ پائڻ کي لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته هٿن جي صفائي ۽ سينيٽائزر جو استعمال وڌائڻ جي هدايت به جاري ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.