”گجرانوالا جلسو حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪندو“

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ڀلي ڪيتريون به گرفتاريون ڪيو پر عوام گجرانوالا جلسي ۾ پهچندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته 16 آڪٽوبر تي جلسو هنن جي مٿان ڳرو پيو پوي، هاڻ هر شهر ۾ عوامي ريفرنڊم ٿيندو، جنهن ۾ حڪومت تي عدم اعتماد ڪيو ويندو.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عوامي ريفرنڊم کي نه مڃيو ويو ته عوام جو سمنڊ اسلام آباد ويندو ۽ جڏهن پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) استعيفائن جو فيصلو ڪندي ته سڀ ان تي عمل ڪنداسين.

ٻئي پاسي ن ليگي اڳواڻ خرم دستگير قيادت ۾ ليگي وفد جي ڊپٽي ڪمشنر گجرانوالا سان ملاقات ڪئي.

ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم دستگير جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميا اڃان تائين فيصلو ڪرڻ کان معذور آهي، گجرانوالا ۾ ڪارنر ميٽنگ به ٿيندي ۽ جلسو به ٿيندو.

سندس چوڻ هو ته اجازت کان سواءِ ڪارنر ميٽنگ يا جلسو ڪرڻ تي پابندي جو حڪم نامو پوليس گردي آهي، ووٽ چور حڪومت عوام جي آواز کي نٿي دٻائي سگهي.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ هو ته گجرانوالا جلسو حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪندو.

سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو وڏي جلوس سان لالا موسيٰ کان گجرانوالا پهچندو، گجرانوالا مان شروع ٿيندڙ پي ڊي ايم جي تحريڪ منطقي انجام تائين پهچندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.