عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ سون ٻيهر مهانگو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ کان پوءِ پاڪستان ۾ به سون جي في تولي قيمت ۾ 300 رپين جي واڌ ٿي.

 عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 8 ڊالرن جي گهٽتائي سان 1923 ڊالر جي سطح تي پهچڻ جي باوجود مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ به في تولي ۽ في 10 گرام سون جي قيمت ۾ ترتيبوار 300 رپين ۽ 257 رپين جي واڌ ٿي.

واڌ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي مارڪيٽ ۾ في تولي سون جو اگهه وڌي 11650 رپيا ۽ في 10 گرام جو اگهه وڌي 99880 رپيا ٿي ويو.

ملين مارڪيٽ جي نمائندن جو چوڻ آهي ته دبئي گولڊ مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني صرافا مارڪيٽن ۾ سومر تي في تولي سون جي قيمت 4000 رپيا گهٽ رهي آهي.

اهڙي ريت في تولي چاندي جي قيمت 100 رپين جي واڌ سان 1300 ۽ 10 گرام چاندي قيمت 85 رپيا 74 پيسن جي واڌ سان 1114 رپيا 54 پيسا ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.