جنهن ڏينهن فارن فنڊنگ ڪيس کليو عمران خان منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهندو: حمزه شهباز

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز جو چوڻ آهي ته ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ ۽ ٽڪ ٽاڪ بند ڪرڻ سان ڇا معيشت ٺيڪ ٿي ويندي؟ ٻاهران آيل معاشي ٽيم کي ڪهڙي خبر ته ريڙهي واري سان ڪهڙو مسئلو آهي.

پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزه شهباز جو چوڻ حو ته عوام اٽي جي لاءِ روئي پيو جڏهن ته وزير اعظم جي نوٽيس کان پوءِ مهانگائي اڃان وڌي وئي آهي، پهرين ڪڻڪ ايڪسپورٽ پوءِ امپورٽ ڪندا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ فيصلو جوڳي جنگ ٿيندي، عوام هن نااهل، ڪرپٽ ۽ عقل کان عاري حڪومت جو گهيراءُ ڪندو.

حمزه شهباز جو چوڻ هو ته ماڻهو اٽي جي لاءِ روئن پيا ۽ وفاقي وزير کي خبر ئي ناهي ته ڪڻڪ ڪيڏانهن هلي وئي، غريب ماڻهو مهانگائي ۾ پيڙهجي رهيو آهي، لوڊشيڊنگ به ٻيهر شروع ٿي وئي آهي.

حمزه شهباز جو چوڻ هو ته شهباز شريف کي احتساب جي لاءِ نه پر انتقام جي لاءِ گرفتار ڪيو ويو، ماڻهو عليمه خان جو حساب پيا گهرن، جنهن ڏينهن فارن فنڊنگ ڪيس کليو ته عمران خان ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق نه رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.