ٺٽو: سمڪي شاخ کي گهارا، پاڻي 2 ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو،رهواسين جو احتجاج

مڪلي ويجھو يوسي گلمنڊا ڪلري، ديھ ناريجا جي ڳوٺ صاحبڏنو عمراڻي ڀرسان گذرندڙ سمڪي شاخ جي سالن کان وٺي کانٽي ۽ صفائي نه ٿيڻ ڪري ڪنارا ڪمزور ھجڻ سبب رات دير سان سمڪي شاخ کي اوچتو پيل گھارن ڳوٺ صاحبڏنو عمراڻي ۽ ڳوٺ يار محمد شاھ کي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو ، پاڻي ڳوٺ جي مسجد سميت ڪيترن ئي ايڪڙن تي ڪٽائي ٿيل سارين جي فصل کي ٻوڙي ڇڏيو ، جنھن ڪري آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن کي وڏو نقصان پھتو آھي،  ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت شاخ کي پيل گھارا بند ڪري ورتا. ان موقعي تي مقامي ڳوٺاڻن سيد جمال شاھ، رمضان عمراڻي، غلام نبي عمراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سمڪي شاخ جي کاٽي ۽ صفائي نه ٿيڻ ڪري گهارا معمول بڻيل آهن . ھنن مطالبو ڪيو ته فوري شاخ  جي صفائي ڪرائي  وڃي

رپورٽ- شبير ڀٽي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.