قمبر: ميونسپل ڪميٽي جي ايڊمنسٽريٽر خلاف واپارين جو احتجاج

قمبر جي ميونسپل ڪميٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر ايڊمنسٽر منور عباس سومرو خلاف اناج بازار جي دڪاندارن ۽ واپارين اناج بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڀٽو چوڪ تي ٽائرن کي باه ڏئي سخت نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن اناج بازار جي صدر يونس سومرو، منظور گوپانگ،رياض گل لاکو،مظفر هڪڙو ۽ ٻين چيو ته اي سي قمبر گذريل ڪيترن سالن کان قمبر ۾ آهي جيڪو شهرين ۽ واپارين کان ڳري رشوت گهري رهيو آهي نه ڏيڻ تي ناجائزيون ڪندي انهن جا دڪان ڊاهڻ جا نوٽيس جاري ڪري ٿو  جيڪو سراسر ظلم آهي، هنن مطالبو ڪيو ته کيس هٽائي ڪو ايماندار آفسير مقرر ڪري شهرين سان انصاف ڪيو وڃي

رپورٽ- محمود شيخ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.